نواز علي سمو

نواز علي سمو : مشهور ڪهاڻيڪار نواز علي سمو، 1952ع ڌاري مٽياري شهر ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ادب ڏانهن چاهه هئڻ سبب ادب ۾ پير پائي ڪهاڻي لکڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ مختلف اخبارن جو صحافي پڻ رهي چڪو آهي. ڏهه سال صحافين جي تنظيم تعلقي هالا جو صدر پڻ رهيو آهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس. سندس ڪهاڻين جا ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ (1) ٻنهي کي مزو (1988ع)، (2) ڀاڪر جي ڀيڙ (1981ع)، (3) سڀاڻي ڇا ٿيندو (1982ع)، (4) واهه جوان واهه (1991ع) ۽ (5) ’ڀڄي جند ڇڏاءِ‘ (يار محمد شاهه سان ڪهاڻين جو گڏيل مجموعو: 1979ع) شامل آهن. پاڻ مٽياريءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو